اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اضافي 100 ملين ڊالر جي امداد جي اعلان کي ساراهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏي??ي وزير اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، جنهن پرڏي??ي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستانين جي لاءِ ويزا انٽرويو بابت سهولتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ويزا سهولتن بابت آمريڪي پرڏي??ي وزير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن قدمن سان نه رڳو ويزا وٺڻ جو عمل تيز ٿيندو پر عوامي رابطا وڌندا. پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ آمريڪي سفير ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پاڪستاني عوام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.