اسلام آ??اد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪان??رن?? ايندڙ سومر تي جنيوا ۾ ٿيندي. پاڪستان ڪان??رن?? ۾ موسمياتي لحاظ کان ملڪ جي مضبوطي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس جي هڪ سينيئر عه??يدار اسلام آ??اد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل قومون گڏيل طور تي ان عالمي ڪان??رن?? جي ميزباني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪان??رن?? جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي عالمي برادري ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي. عه??يدار چيو ته پاڪستان دنيا جي سمورن اهم گادي وارن شهرن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن پاران ڪان??رن?? ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت متوقع آهي. هن چيو ته ان عالمي ڪان??رن?? کي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي جي ڏس ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي.