بالي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري بالي ۾ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير رتنو م?? سودي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب خميس ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري ۽ ان جي انڊونيشيائي هم منصب علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل وزارتي ڪميشن ق??ئم ڪرڻ باب?? مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون، جيڪو ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو.