اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان برطانيا پاران باضابطا طور تي پاڪستان کي ”هائي رسڪ ٿرڊ ڪنٽريز“ جي فهرست مان ڪڍڻ جي قدم جي آجيان ڪندي ان کي هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قدم 21 آڪٽوبر تي فنانشل ٽاسڪ فورس جي فيصلي موجب کنيو ويو آهي. تر??ما?? چيو ته برطانيا جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس مني لانڊرن?? ۽ ??هشتگردن جي مالي معاونت جي ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران ڪيل اڳڀرائي کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان برطانيا جي ان قدم جي آجيان ڪريون ٿا، اميد آهي ته ٻيا ملڪ به ان ڏس ۾ پاڪست??ن جي ڪوششن کي تسليم ڪنداسين. تر??ما?? ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان دنيا کي اهو ياد ڏيارڻ چاهي ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد ۽ پائيدار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي انعقاد ۾ مضمر آهي، ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين سميت هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي مسلم??نن جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪارروائي ۽ حربن کان روڪي، ڀارتي حڪومت کي فوري طور تي انهن سمورن قدمن کي ڪالعدم ڪرڻو پوندو جن جو مقصد ڪشميري عوام جي جمهوري اڪثريت ۽ ??ن جي نسلي سڃاڻپ کي ک سڻ آهي. تر??ما?? چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل سان منسوب بي??ن جي غلط تشريح ڀارت کي پنهنجي غيرذميواراڻي ائٽمي رويي کان بري الذمه قرار ڏيڻ جي هڪ مڪروهه ڪوشش آهي، پاڪست??ن جي سرزمين تي ائٽمي صلاحيت رکندڙ براهموس ميزائيل فائر ڪرڻ جي واقعي هڪ ائٽمي رياست جي طور تي ڀارت جي طرزعمل بابت ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجندو رهڻ گهرجي. تر??ما?? چيو ته 2021ع جي داسو دهشتگرد حملي ڪيس جي فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪست??ن جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر متاثرين جي خاند??نن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون. تر??ما?? اميد ظاهر ڪئي ته دشمن قوتون پاڪ چين گهڻ رخي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.