اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي ايڊو??ئي?? تي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪس??ان ۾ ريڪوڊڪ پراجيڪٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب ان کان اڳ ناڻي واري وزير ۽ ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني پاڪس??ان (پرائيويٽ) لميٽيد جي شيئر هولڊرز جي سربراهي ۾ ايپڪس ڪميٽي هن سال مارچ ۾ ريڪوڊڪ پراجيڪٽ جي حل ۽ بحالي جي لاءِ هڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو هو. وفاقي ڪابينا 30 سيپٽمبر تي پنهنجي اجلاس ۾ عوامي اهميت جي قانون جي ڪجهه سوالن جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪس??ان ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. ان مان پهريون سوال اهو ه?? ته سپريم ڪورٽ جو پهريون فيصلو مولوي عبدالحق بلوچ نالي فيڊريشن آف پاڪس??ان ملڪي آئين، قانونن يا عوامي پاليسي وفاقي حڪومت ۽ بلوچس??ان حڪومت کي ريڪوڊڪ معاهدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ٿ?? يا ان جي صداقت تي اثرانداز ٿئي ٿ??. ٻيو اه?? ته جيڪڏهن تجويز ڪيل غيرملڪي سيڙپڪاري (تحفظ ۽ فروغ) بل 2022ع لاڳو ڪيو وڃي ٿ?? ته ڇا اهو صحيح ۽ آئيني هوندو؟