اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم ??ضائي رابطي جي تسلسل ۾ گڏيل ع??ب امارات مان ٽي امدادي اڏامون پاڪستان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏام جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ٻه اڏامون نور خان ??يئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل ع??ب امارات مان مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هن سنگين بحران ??ي گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل ع??ب امارات جي حڪومت ۽ عوام ج?? ٿورائتو آهي.