اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن جي ام??اد لاءِ عام واهپي وارين شين ۽ ام??ادي سامان تي سيلز ٽيڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ايف بي آر جي ترجمان ٻڌايو ته ايف بي آر کي ٻوڏ متاثرن جي ام??اد لاءِ عام واهپي وارين شين تي ٽيڪس ڇوٽ بابت ڪيترائي سوال ملي رهيا آهن. ترجمان وضاحت ڪ??ي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ مقامي ۽ ا??پورٽ ٿيل شين ۽ خوراڪ تي سيلز ٽيڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي تصديق ضروري آهي. ترجمان وڌيڪ وضاحت ڪ??ي آهي، ته سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ 30 آگسٽ 2022ع کان وٺي 90 ڏينهن جي مدي لاءِ آهي.