اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صو??تحال جي ڪري لنڊن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ جي صو??تحال ۽ امدادي ڪارروائين بابت اج??اس سندس وطن واپس پهچڻ تي ئي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اج??اس ۾ اين ڊي ايم اي سميت ٻيا عملدار وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف بابت قدمن کان آگاهه ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پوٽِيءَ حمزه شهباز جي ڌيءُ جي طبيعت جي خرابي سبب قطر کان لنڊن وڃڻو هو. پر ملڪ ۾ ٻوڏ جي صو??تحال سبب وزيراعظم فوري وطن واپسي جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم جي پوٽِيءَ لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي.