اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 23 کان 24 آگسٽ قطر جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دو??و ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جو قطر جو هي پهريون دو??و هوندو. وزيراعظم سان ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ هوندو. دو??ي دو??ان وزيراعظم قطري قيادت سا?? ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي مشاورت ڪندو. ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جا??زو وٺنديون، توانائي بابت تعاون کي اڳتي وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ ۽ قطر ۾ پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا ڳولڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هو گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف دو??ه ۾ قطري ۽ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دو??ه ۾ اسٽيڊيم 974 جو پڻ دو??و ڪندو جتي کيس فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت بريفنگ ڏني ويندي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهبي، گڏيل اعتماد ۽ ??فه??م تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ويجهي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. قطر ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني به رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قيادت جي سطح تي باقاعده دو??ا پاڪستان ۽ قطر جي حصيداري جي سڃاڻپ آهن. وزيراعظم جي قطر جي دو??ي سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ ۽ ان جي وڌندڙ اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ملندي.