اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 ??ک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت ۽ بدانتظامي ڪندڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪمپني باهه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس کي لاڳو هجڻ کي ??سليم ڪيو جڏهن ته ڪمپني باهه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باهه سبب اٽڪل 21 ??ک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ت?? صارف کي ??ائز رقم ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ڪمپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز کي ??اهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪند?? انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ کي ??سليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صدر کي ??رخواست ڏني، جنهن کي ??در رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي ??اهه لڳڻ جي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.