اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سياست جي آڙ ۾ ??ان??ن جي رکوالن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ صرف لا??ان??نيت ۽ غنڊه گردي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عمران خان جي 2014ع جي تشدد ۽ انتشار جي وڊيوز جاري ڪندي چيو آهي ته خوني مارچ جا منظر اهڙا هوندا. هن چيو ته قوم کي سياست ۾ تشدد جي م??مت ڪرڻي پوند??، قوم نه وساري ته هي اهو فسادي ۽ فتني باز جٿو آهي جيڪو ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انتشا?? پکيڙڻ اچي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان 9 آگسٽ 2014ع تي چيو هو ته اسان جو لانگ مارچ اسلام آباد طرف پرامن رهندو ۽ پوءِ هن 126 ڏينهن پاڪستان ۾ سول نافرماني ڪئي، ماڻهن کي انتشار تي اڪسائڻ، بجلي جا بل ساڙڻ، هُنڊي سان پئسا موڪلڻ ۽ ماريو، جلايو جو فساد عوام ڏٺو، قوم کي سياست ۾ فساد ۽ انتشار جي م??مت ڪرڻ گهرجي.