اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شه??از شريف يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو، ??زي??اعظم اڄ ڇنڇر ڏينهن لنڊن کان متحده عرب امارات ويندو، جتي آچر تي يو اي اي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النيهان سان مرحوم صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ??زي??اعظم شه??از شريف يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان افسوس جو اظهار ڪندو. پاڪستان جي عظيم دوست شيخ زيد جي لاڏاڻي کانپوءِ شيخ خليفه بن زيد پنهنجي والد جي مشن کي قابليت سان ??ڳت?? وڌايو. ??زي??اعظم شه??از شريف تعزيتي پيغام ۾ چيو ته شيخ زيد يو اي اي جي فيڊريشن جو بنياد رکي?? هو، شيخ خليفه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ مثالي ترقي ڏني، 50 سالن جي مسلسل محنت سان شيخ خليفه يو اي اي لاءِ پنهنجي والد جي ترقياتي ويزن کي نئين بلندين تي پهچايو، شيخ خليفه مرحوم پنهنجي دور ۾ مشاورت کي پنهنجي قوت بڻايو، هو عوام سان رابطي ۾ رهند?? هو، ??زي??اعظم تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هو اعليٰ تعليم يافته ۽ زيرڪ شخصيت هو جنهن پنهنجي اقتدار کي ملڪ ۽ عوام جي خدمت لاءِ وقف رکيو، شيخ زيد وانگر شيخ خليفه بن زيد النيهان جو لاڏاڻو مسلمان امت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، ??زي??اعظم مرحوم جي بلند درجن ۽ يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.