اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فن?? قائم ڪرڻ جو مقصد افغان عوا?? جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، انساني بحران جي تناظر ۾ افغان عوام کي اسان جي فوري توجهه جي ضرورت آهي، پرڏيهي ??زارت ۾ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فن?? لاءِ چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي ??زير چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پرڏيهي ??زيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام هيٺ هيومينيٽيرين ٽرسٽ فن?? قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بئنڪ کي درخواست ڪئي وئي هئي ته هو 2022ع جي پهرين ٽه ماهي تائين فن?? کي فعال ڪري ڇڏي، هن چيو ته بئنڪ پنهنجي مينڊيٽ کي موثر طريقي سان مقرري م??ي ۾ اندر پورو ڪيو آهي، ٽرسٽ فن?? جو چارٽر ڪافي لچڪدار آهي، جنهن سان او آءِ سي سسٽ?? جي ٻاهران عطئي جي اجازت ملندي آهي، پرڏيهي ??زير چيو ته اهو هڪ واکاڻ جوڳو عمل آهي اهڙي طرح عالمي عطيو ڏيندڙن جي دائري کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي. هن جو چوڻ هو ته ٽرسٽ فن?? جو مقصد افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ هڪ ميڪينز?? جي طور تي ڪم ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو ڪردار اهم هوندو.اميد آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ، اسلامي مالياتي ادارا، عطيا ڏيندڙ ۽ ٻيا عالمي حصيدار ان ٽرسٽ فن?? ۾ پنهنجي عطين جي ذريعي شموليت ڪندا. پرڏيهي ??زيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي طور تي آئون شرڪت ڪندڙن کي فن?? ۾ حصو وجهڻ جي درخواست ڪندس. پرڏيهي ??زير چيو ته اهو خصوصي ٽرسٽ فن?? افغان عوا?? جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، اسان سڀني کي انهن قدمن کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي.