اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پ??ڪس??اني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پوليو جي خاتمي ??اءِ ڪوششن جي اعتراف ۾ هلال پ??ڪس??ان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪ??ر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سميت وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پ??ڪس??ان ۾ پوليو جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سان مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پ??ڪس??ان جو دورو ڪري ??هي?? آهي.