اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر هاريل قافلي جو حصو آهي، اهي ست ڀيرا لانگ مارچ ڪري چڪا آهن، آر ۽ پار ڪرڻ وارا هاڻي خوار ٿي رهيا آهن، نواز شريف کي ملڪ واپس اچي پنهنجي ڪرپشن ۽ لُٽيل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مريم صفدر جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي رد عمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چ??و ته آر ۽ پار ڪرڻ وارا هاڻي خوار ٿي رهيا آهن، نواز شريف تي ڪرپشن ثابت ٿي آهي، هو سرٽيفائ??ڊ چور ۽ ڌاڙيل آهن، هنن ملڪ کي لُٽيو ۽ سپريم ڪورٽ کين نااهل قرار ڏنو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چ??و ته نواز شريف ڪو علاج نه ڪرائي رهيو آهي، هو بس ڀڳوڙو بڻجي ملڪ کان ٻاهر لڪيل آهي. نواز شريف ملڪ واپس اچي، ان کي ٽڪيٽ به ڏينداسين پر ان جو ٺڪاڻو اڊيالا جيل آهي. هن چيو ته نواز شريف کي ملڪ واپس اچي پنهنجي ڪرپشن ۽ لُٽيل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو، مملڪتي وزير چ??و ته مسلم ليگ ن جي اندر ته پاڻ ويڙهه هلي رهي آهي، اهي پاڻ هڪٻئي کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آه??. ش??باز شريف مريم صفدر کي ڪيرائڻ چاهي ٿو ۽ مريم صفدر شهباز شريف کي ڪيرائڻ چاهي ٿي، فرخ حبيب چيو ته ن ليگ جا وڌيڪ چار ماڻهو سامهون آيا آه??، ا??هن کي ڪ??هن به صورت ۾ فراريت نه ملندي. مملڪتي وزير چ??و ته صرف وزيراعظم عمران خان ا??هن جي رستي جي رڪاوٽ آهي ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ ا??هن کي اين آر او ملي ويندو هو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هاڻي ا??هن کي ڪا به ڇوٽ نه ملندي، مملڪتي وزير چ??و ته ا??هن موجب ته گذريل ڊسمبر ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ واري هئي، اسان الحمد الله ساڍا 3 سال مڪمل ڪري ورتا آه??، اسان عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيا آهيون، پنهنجو آئيني مدو پورو ڪنداسين.