اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي ۾ ڳنڍيل آهن، ٻئي ملڪ پنهنجي جاگرافيائي ويجهڙائي کي سامهون رکندي اقتصادي ۽ واپاري تع??ون کي فروغ ڏيڻ ۽ سياحت جي شعبي ۾ گڏيل تع??ون جي فروغ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا، پاڪستان عمان لاءِ وچ ايشيائي رياستن تائين گيٽ وي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ اوپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي و?? ۾ ??ابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته عمان واپاري سرگرمين لاءِ پاڪستان کي يورپي ملڪن تائين پهچ ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته تعليم ۽ ٻين شعب?? ۾ ??ه ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ استحڪام ڏئي ??گه??ي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??المي سطح تي مثالي تع??ون هڪ ٻي تي ڀرپور اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، عالمي سطح تي مختلف فورمن تي ٻنهي ملڪ?? ۾ ??هتر مدد ڏسڻ ۾ آئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي سينيٽ ۽ عمان جي و?? ۾ ??داره جاتي تع??ون کي فروغ ڏيڻ لاءِ تاريخي گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته عماني واپاري پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري ڪن، پاڪستا?? ۾ ??ير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ ماحول سازگار آهي، پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، حڪومت عماني واپارين کي پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??ابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ عمان پنهنجي اقتصادي تع??ون کي وڌيڪ اڳتي وڌائين، عمان جا سيڙپڪار ماڻهو گوادر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو. ملاقات ۾ سينيٽرز حافظ عبدالڪريم، دلاور خان، منظور احمد ڪاڪڙ، ڪهده بابر، ذيشان خانزاده، فيصل سليم ۽ سينيٽ سيڪريٽري قاسم صمد خان به شريڪ هئا.