اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي فو??ي ??بض?? جي خلاف ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ اربع ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي عالمي قانونن کي لتاڙيندي طاقت جي زور تي ڪشمير تي ??بض?? ڪري ورتو هو جنهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ هو وال??ري?? علائقي ۾ انساني حقن جون سنگين پائماليون ڪري رهيو آهي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن م ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ ان موقعي تي جلسا جلوس ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون جڏهن ته ميڊيا تي وال??ري?? ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز ٿيندا. سرڪاري ۽ نجي ٽي وي چينلز کانسواءِ ريڊيو پاڪستان پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ خصوصي پروگرامز نشر ڪندو. پرنٽ ميڊيا ان موقعي تي خصوصي مضمون پڻ شايع ڪندي. اسلام آباد کانسواءِ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ خصوصي واڪس جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشميري اڳواڻ، ناليو??ري?? شخصيتن ۽ اعليٰ حڪومتي نمائندن کانسواءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. ان موقعي تي وال??ري?? ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فو?? پاران ڪشميري عوام تي ڪيل وحشياڻي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ واڪس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪ??ري??ن پٽيون ٻڌي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير بابت بحثن، سيمينارز ۽ وال??ري?? ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن جي عڪاس تصويرن تي ٻڌل تصويري نمائشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. ڪاري ڏينهن تي اهم سياسي اڳواڻن ۽ ناليو??ري?? شخصيتن پاران خصوصي پيغام پڻ جاري ڪيا پيا وڃن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 74 سال اڳ 27 آڪٽوبر تي قابض ڀارتي فو?? ڪشمير تي غيرقانوني ??بض?? ۽ ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ جي لاءِ سمورن قانونن ۽ انساني حقن کي لتاڙيندي سرينگر ۾ داخل ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت عيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ذريعي وال??ري?? ڪشمير جي تڪراري علائقي جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي وال??ري?? ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون فو??ي طور تي بند ڪري ۽ هڪ طرفا غيرقانوني قدم واپس وٺي.