فيصل آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فيصل آباد ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪاسي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا جلد ??ڪم?? ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ شهرين کي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي جون وڌيڪ معياري ۽ بهترين سروسز ميسز اچي وينديون. واسا هيڊ آفيس ۾ ايف ڊي اي جي چيئرمين ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر لطيف نذر، ايم ڊي واسا جبار انور ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار جي ويزن موجب شهرين کي س??ور??ج جي سهولتن ۽ صاف پاڻي جي فراهمي اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ پنجاب جي وڏي وزير جي پيڪيج تحت جاري ڪيل فنڊن مان ترقياتي اسڪيمن تي تعيمراتي ڪم تيزي سان ??ڪم?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته نئين اسڪيمن جا ورڪ آرڊرز جلد جاري ڪيا ويندا. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته وارث پوره، برڪت پوره، دائود نگر، چمن زار، ابن مريم ڪالوني، خوشحال ٽائون، الحسن ٽائون، ملکانواله روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ س??ور??ج لائينن، واٽر سپلائي جي مرمت ۽ تبديلي جي ترقياتي اسڪيمن کي به جلد ??ڪم?? ڪيو ويندو، ايف ڊي اي جي چيئرمين لطيف نذر چيو ته ايف ڊي اي ۽ واسا گڏيل طور تي شهرين کي س??ور??ج ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ منظور ٿيل ترقياتي اسڪيمن کي جلد ??ڪم?? ڪيو ويندو ته جئين عو??م جا مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن. واسا جي ايم ڊي جبار انور چيو ته واسا محدود وسيلن ۾ س??ور??ج جي معياري سروسز فراهم ڪري رهيو آهي تنهن هوندي به قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي مشاورت سان ترقياتي اسڪيمن کي تيزي سان ??ڪم?? ڪيو ويندو جنهن سان شهر ۾ س??ور??ج جي پاڻي جي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي ۾ وڌيڪ بهتري ممڪن ٿيندي. هن اپيل ڪئي ته آلودگي ۽ بدبوءَ کان پاڪ ماحول لاءِ س??ور??ج سسٽم ۾ گند ڪچرو نه اڇليو وڃي، هن س??ور??ج جي نظام کي بحال رکڻ ۾ عوامي تعاون جي ضر??رت تي زور ڏنو.