اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ س??بر??هه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ با??ابطه دعوت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد پاران مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جو اعلان هلندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو وزيراعظم پاڪستان جي ڪلين ۽ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوب?? سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ماحوليات ۾ تبديلي با??ت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪر?? لاءِ به هڪٻئ?? سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ان س??بر??هه اجلاس ۾ ڏني ويندڙ دعوت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف آهي.