اسلام آباد – 23 8211; مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏيهي خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ?? ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کن??ا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سي پيڪ منصوبي تحت سيڙپڪاري، حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ?? ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.