اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلن جو احترام ڪري ٿي جڏهن ته شهباز شر??ف جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت جي خلاف اپيل جو حق استعمال ڪنداسين، 20 سالن ۾ شر??ف فيملي ڦرلٽ ڪري اربين ڊالر جون ملڪيتون ٺاهيون، شر??ف فيملي ۾ ٻار بعد ۾ پيدا ٿئي ٿو پر اپارٽمينٽ اڳ ۾ ان جي نالي هوندو آهي، قانون نواز شر??ف فيملي ۽ عام ماڻهن جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ننڍن چورن کي به وڏن چورن جهڙا حق ملڻ گهرجن، ڪرپشن جي خلاف اها جدوجه?? عمران خان جي نه پوري معاشري جي آهي، هر اداري کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان ته اميد ڪري رهيا هئاسين ته نيب ۽ عدالت شهباز شر??ف جي نواز شر??ف جي گارنٽي جو پڇندا ته هيستائين هو واپس ڇو نه آيو پر شهباز شر??ف جي هڪ ئي ڏينهن ۾ درخواست جو داخل ٿيڻ، نوٽيس ٿيڻ، پراسيڪيوشن کي نه ٻڌو ويو ۽ فوري فيصلو ٿي وڃي ٿو. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.