ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، اهو ڪو احسان نه آهي، مستح?? ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستح?? ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستح?? ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج جي لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت به فراهم ڪري رهيا آهيون، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، اين جي او سان گڏجي مستح?? ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ??يندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي ??يندي. هن اهڙن خيان جو اظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستح?? ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت ??ي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت مالي مدد جي معاشري جي انهن ڪمزور ۽ مستح?? ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو احساس نه پر فرض آهي، جيڪي مشڪلاتن جو شڪار آهن. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت مستح?? ماڻهن کي مالي مدد جي فراهمي ج??ري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي معاشري جي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري آهي ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آهي جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.