اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏکڻ ايش??ا جي عوام جي زندگين ۾ بهتري جي لاءِ سارڪ کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڏکڻ ايش??ا جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) کي متحرڪ تنظيم بڻائن جي ضرورت آهي ته جي??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هتي ايوان صدر ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيوالامسال آڌيه ڪاري صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيا?? موجب ا?? موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڀارت جي مسئلن تي ٻڌل لاڳاپن جي ڪري هن وقت خطي جي سلامتي کي خطرا درپيش آهن، هن چيو ته ڀارت پا??ان غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻين اقليتن جي خلاف ڀارت جي انتهاپسنداڻا قدم ڳڻتي جوڳا آهن.