اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته سب??ڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد ن?? رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان مان گهربل نتيجا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ان حوالي سان عوامي مفادن ۾ فيصلا ڪري انهن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪومتي سب??ڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وز??ر سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وز??ر حماد اظهر، ناڻي ??ارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي ??ارو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ناڻي ??ارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي ??اري اڳوڻي ??زير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.