اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجو??نن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اج??اس ۾ وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جي آپريشنل معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجو??نن جي معاملن واري خاص م??او?? عث??ان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ??ه ٽائيگر فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.