اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آه?? ته ??يڪسپو ??ينٽر لاهور ۾ منعقد ٿيل نمائش فوڊ اي ??ي مينوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ 5 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق 3 ڏينهن واري نمائش لاهور جي ايڪسپو ??ينٽر ۾ 5 کان 7 ڊسمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ فوڊ سپلاءِ چين سالوشن، فوڊ پروسيسنگ، فوڊ آٽوميشن اينڊ ڪنٽرول، ايگري ٽيڪ، فوڊ سيفٽي اينڊ ڪوالٽي، ليبلنگ ۽ سپلاءِ جي اوزارن، ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.