اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي سپريم ورٽ پاران 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توثيق ڄمون ۽ ڪس??ير جي تڪرار جي تڪراري نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جو ڄمون ۽ ڪش??ير تي قطعي طور تي ڪو دائره اختيار نه آهي جيڪو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ نه ئي ڀارتي آئين جي ڪا شق ڄمون ۽ ڪش??ير تي لاڳو ٿئي ٿي. عالمي قانون تحت ڄمون ۽ ڪش??ير جي خطي جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جي اظهار لاءِ خميس ڏينهن آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو دورو ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪس??ير جي قانونساز اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ هن ??اڪستان پاران ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي حيثيت بابت سپريم ڪورٽ آف انڊيا جي غيرقانوني ۽ ناقابل قبول فيصلي کي سخت?? سان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي اڱاري ڏينهن ??يندڙ دهشتگرد حملي تي عالمي برادري پاران همدردي ۽ تعزيت جي اظهار جي پيغامن ک?? ساراهيو آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڪڌي ۽ بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي سختن ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ پنهنجي گهري همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن دهشتگردي جي مذمت جوڳي ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن، منتظمين، مالي مدد ڪندڙن ۽ اسپانسرز کي جوابده قرار ڏيڻ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت سان گڏوگڏ ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن. هن چيو ته اسان افغان عبوري حڪومت جي ان بيان کي نوٽ ڪيو آهي ته اها 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي جي جاچ ڪندي. افغانستان کي ان ڪڌي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ انهن عنصرن کي افغانستان ۾ ٽي ٽي پي قيادت سميت پاڪستان جي حوال?? سان ڪرڻ گهرجي، اسان افغانستان کان اها به اميد ڪريون ٿا ته هو پاڪستان جي خلاف دهشتگرد تنظيمن پاران افغان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻندو. ترجمان چيو ته پاڪستان 12 ڊسمبر 2023ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيل قرارداد جي آجيان ڪري ٿو، جنهن ۾ فوري انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ غزه جي ماڻهن تائين انساني همدرديءَ جي بنياد تي پهچ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ وڌندڙ اسرائيلي ظلمن ۽ لبنان ۽ شام جي خلاف حملن جي مذمت ڪئي جيڪي انهن ??ل??ن جي علائقائي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. اسرائيل عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي مڪمل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن ??ڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻڻ گهرجن جيڪو پوري خطي کي لپيٽ ۾ آڻي هڪ وسيع ۽ وڌيڪ خطرناڪ تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مڃڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو دارومدار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب اسرائيل فلسطين تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل تي آهي. هن چيو ته ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ)، ايمبيسڊر شفقت علي خان 11 کان 14 ڊسمبر 2023ع تائين ماسڪو جو دورو ڪيو، ان دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جو مثبت جائزو ورتو ۽ واپار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ توانائي جي شعبن ۾ اعليٰ سطح جي ڳالهين، مشغوليت ۽ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين افغانستان سميت علائقائي مسئلن تي تعميري ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم تي تعاون تي اتفاق ڪيو. افغانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر آصف دراني 13 کان 15 ڊسمبر 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ٻئي گلوبل ريفيوجي فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. گلوبل ريفيوجي فورم پناهگيرن جي عالمي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي حوال?? سان ذميواري جي حصيداري جي لاءِ گڏيل رس??ن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏ ڪيو. چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ هڪ وڏي ملڪ طور پاڪستان گلوبل ريفيوجي فورم جي باني شريڪ ڪنوينرز ۾ شامل آهي.