واشنگٽن -23 آڪتوبر(اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگ??يب چيو آهي ته ملڪي معيشت جي استحڪام، ٽيڪس وصولين ۾ اضافي، ٽيڪس نظام کي منصفاڻو ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ قد?? کنيا پيا وڃن انهن خيالن جو اظهار هن ”گورنر ٽاڪس پاڪستان استحڪام مان پائيدار ترقي طرف ساختي سڌارن ذريعي “ فورم کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي ميزباني آئي ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد ازور ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ کي استحڪام سان ترقي جي رستي تي هلائڻ لاءِ مسئلن کي حل ڪرڻ جون ڪ??ششون به جاري آهن اهي قد?? معيشت جي مضبوطي ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن حڪومتي پاليسي جي قد??ن تي به روشني وڌي.