اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي س??نئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار را??ا ثناالله پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان مل??قات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سينيٽر عثمان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. مل??قات کان پوءِ را??ا ثناالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار اختر مينگل اسان جو ڀاءُ ۽ سينئر سياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي ??هميت آهي. هن چيو ته سردار اختر مينگل جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ان سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جي??ا به ناراضگي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.