اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير ب??اول ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپو?? جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏي??ي وزير ب??اول ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. پرڏي??ي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 ه??ن بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري 15 ه??ن بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن جي پاڪستان جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعليم تائ??ن برابر پهچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پرڏي??ي وزير ب??اول ڀٽو زرداري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏي??ي وزير ڊاڪٽر ويو??ن بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏي??ي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپو?? جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پرڏي??ي وزير ب??اول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپو?? جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.