اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته عمران ??يا??ي پنهنجي ذاتي فائدي جي لاءِ ملڪ جي سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهچايو، سندس مڪاري ۽ ڪوڙ سان قومي اعتماد کي پڻ نقصان پهتو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران ??يا??ي جو فنانشل ٽائيمز کي انٽرويو، جنهن ۾ هن پنهنجي غيرملڪي سازشي ٿيوري کي پاڻ ئي رد ڪيو آهي ان شيطاني ڪردار جي ي??د ڏياري ٿو جيڪو هن پنهنجي ذاتي سياست جي پيروي ڪندي پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ ۾ ادا ڪيو هو. هن چيو ته عمران ??يا??ي جي مڪاري ۽ ڪوڙ سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي جنهن تي قوم حيران آهي.