اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 11 ججن جي مقرري ۽ مستقلي ج?? منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز جي بطور ججز مقرري ۽ مستقلي ج?? منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر جسٽس شڪيل اح??د، صفدر سليم شاهد ۽ اح??د نديم ارشد، جسٽس محمد طارق نديم، محمد امجد رفق ۽ عابد حسين چٺا، جسٽس انوار حسين ۽ علي ضياءَ جي پڻ لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس سلطان تنوير اح??د، محمد رضا قريشي ۽ ر??حيل ڪامران جي مستقلي ۽ مقرري ج?? منظوري ڏني. صدر مقرري ۽ مستقلي ج?? منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي. اهي منظوريون جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ ڏنيون ويون. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت انهن ججز جي مقرري ۽ مستقل?? جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.