اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪين??ا جي صدر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي ۽ سينيئر صحافي ارشد ??ريف جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ تي زور ڏنو. جڏهن ته ڪين??ا جي صدر واقعي تي افسوس ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ ميت جي واپسي جي ع??ل کي تيز بڻائڻ جي خاطري به ڪرائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستاني قوم ۽ ميڊيا برادري پاران واقعي تي شديد ڳڻتي کان ڪين??ا جي صدر کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم مرحوم ارشد ??ريف جي ميت جي جلد واپسي لاءِ ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بيان موجب ڪين??ا جي صدر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڪين??ا جي صدر واقعي جي جاچ رپورٽ جلد فراهم ڪرڻ ۽ مرحوم ارشد ??ريف جي ميت جي واپسي جي ع??ل کي تيز بڻائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.