اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آ??ي، ته موسمياتي تبديليون سڄي دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهن، پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو ٻو?? سبب متاثر ٿيا آهن، عالمي بئنڪ ٻو?? جي نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آ??ي، ٻوڏ متاثرن جي وڏي آبادي جي بحالي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اڪيلي سر ڪنهن ملڪ جو ڪم نا??ي، ٻوڏ سبب شديد متاثر انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل آهن. اهڙن ??يالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻو?? جي صورتحال تمام خراب آ??ي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ اهي علائقا جيڪي سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهن، اتان پاڻي ڪڍڻ هڪ ڏکيو مرح??و آ??ي، سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جو اهڙو عمل پهريان ناهي ڏٺو ويو، موسمياتي تبديلي ڪري برساتن ۽ ٻو?? پراڻا سڀئي رڪارڊ ٽوڙيا آهن، پاڪستان ۾ ٻو?? جي تباهڪارين سان ٿيل نقصان جو ورلڊ بئنڪ 40 بلين ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو آ??ي، 33 ملين ٻو?? متاثر تمام وڏو انگ آ??ي، جيڪو آسٽريليا جهڙي وڏي ملڪ کان ساڍا 7 ملين وڌيڪ آهي. 2010ع جي ٻو?? ۾ 20 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي بحالي لاءِ 40 بلين جو ڪاٿو لڳايو ويو هو جڏهن ته هن ڪاٿي ۾ احتياطي ڪرڻو پوندو. 20.6 ملين متاثر اڃا به امداد جا منتظر آهن، هي پرتگال ۽ سوئيٽزرلينڊ جي مجموعي آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻو?? جي شدت ايتري قدر هئي ته 13000 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا، جن جي بحالي لاءِ وسيلن جي ضرورت آ??ي، 436 پل تباهه ٿيا جن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ٿيندو، 1400 صحت مرڪزن کي نقصان پهتو يا اهي مڪمل تباهه ٿيا آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ اڃا به صحت جا مرڪز، ڊسپينسريون وغيره اڃا به پاڻي هيٺ آهن، صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن مطابق 8.2 ملين ماڻهن کي ارجنٽ هيلٿ ڪيئر جي ضرورت آهي. سنڌ جي 11 ضلعن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺل آ??ي، 6 لک عارضي شيلٽر بڻايا ويا آهن ۽ اڃا 7.9 ملين کي امداد جي ضرورت آهي. ان حوالي سان جنيوا ۾ پڻ فليش اپيل ڪئي آهي. 9.4 ملين ايڪڙ تي بيٺل ڪيترائي فصل تباهه ٿي ويا. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نقصان سان 14 ملين ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿيا. ٻو?? سان مجموعي طور تي متاثرن ۾ 70 سيڪڙو ٻار ۽ عورتون شامل آهن. متاثرن ۾ 65 ارب رپين جي امداد ورهائي وئي آهي. ٻو?? سبب چانور، ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جو نقصان ٿيو. جيڪو ڪيش ڪراپس ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌ ۾ مجموعي طور تي 79 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، بلوچستان ۾ 53 سيڪڙو، پنجاب ۾ 15 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 14 سيڪڙو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي 25 سيڪڙو فصلن کي نقصان پهتو آهي.