اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، گورنرز ۽ ميڊيا کي لکيل خطن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ انهن کي فعال شرڪت جي دعوت ڏيندي عورتن ۾ موذي مرض بابت پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص جي ??هم??ت کي اجاگر ڪرڻ ۾ تعاون جي اپيل ڪئي آهي. صدر انهن کي هن سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ فعال ۽ رضاڪاراڻي ??ور حصيدار بڻجڻ جي دعوت ڏني جنهن ۾ پٺتي پيل طبقن جي عورتن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن تي خاص ??ور تي ڌيان ڏنو ويندو جتي عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جا اٽڪل هڪ لک نوان ڪيسز رپورٽ ٿين ٿا، جن مان اڌ عورتون دير سان تشخيص جي ڪري ف??ت ٿي وڃن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته انهن قيمتي جانين مان 98 سيڪڙو کي پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص بابت آگاهي پيدا ڪري بچائي سگهجي ٿو. صدر ٻڌايو ته خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي قيادت ۾ گذريل چار سال جي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اسپتالن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي شروعاتي رپورٽنگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ناليوارن صحافين جي نالي پنهنجي خطن ۾ هن گذريل چار سال دوران مسلسل تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن جي قدر جوڳي تعاون ۽ فعال حصيداري کانسو??ءِ مهم جي ڪاميابي ممڪن نه هئي. هن ميڊيا پرسنز تي زور ڏنو ته اهي هن سال به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن ته جيئن ٽارگيٽ عورتن کي نيوز بليٽنز، خصوصي رپورٽس، ڊرامن، مارننگ شوز، مضمونن، ڪالم ۽ ايڊيٽوريلز جي ذريعي پاڻمرادي معائني ۽ جلد تشخيص جي بنيادي ??هم??ت بابت آگاهي فراهم ڪري سگهجي. صدر عورتن کي تعليم ڏيڻ ۽ پاڻ تشخيص ۽ مرض بابت جلد پتو لڳائڻ جي ??هم??ت کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن سال جي ل??ءِ ڪيترين ئي سرگرمين بابت به ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته هن سال جي آگاهي مهم پٺتي پيل طبقن ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جي عورتن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??هم??ت کي به اجاگر ڪندي. صدر انهن تقريبن کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ميڊيا جي ??هم??ت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ميڊيا عورتن کي پاڻمرادي معائني جي ل??ءِ آگاهي ۽ حوصلا افزائي جي ل??ءِ هڪ ٺوس آگاهي مهم شروع ڪري ۽ رضاڪاراڻي ??ور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص سميت صحت بابت مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ صحتمند خوراڪ جي ??هم??ت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري. واضح رهي ته آڪٽوبر ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو مهينو آهي، ان دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اثرن، ان کان بچاءُ، جلد تشخيص ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي ٿي.