نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ناروي جي امداد کي ??اراهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي نارويجن هم منصب اينيڪن هيوئٽ فيلڊ سان ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي ??لد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ناروي جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌيڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي لاءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون کي ??اراهيو. ??فغ??نستان بابت بلاول ڀٽو زرداري ??فغ??نستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ ??فغ??ن عوام کي ??رپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ج?? لاءِ ??فغ??ن عبوري عملدارن سان عالمي برادري جي مسلسل شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. ناروي ??فغ??نستان مان نڪرڻ واري عمل ۾ پاڪستان پاران سهولت فراهم ڪرڻ کي ??اراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ناروي جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو ۽ ناروي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ??اراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي ??ڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.