اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سول ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي سار??هي??دي چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر عل??ئق?? ۾ تباهه ٿيل بجلي ۽ رستن جي نيٽ ورڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سسٽم جي بحالي بهترين هم آهنگي ۽ محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وڏ کان متاثر عل??ئق?? ۾ جاري ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا، مولانا طاهر اشرفي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾و زيراعظم ٻوڏ س??يلن جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جو جائزو ورتو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هنن دوست ملڪن مان پاڪستان کي پهچندڙ عالمي امداد بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ سول ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي سار??هي?? ۽ چيو ته ٻوڏ کان متاثر عل??ئق?? ۾ تباهه ٿيل بجلي ۽ رستن جي نيٽ ورڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سسٽم جي بحالي بهترين هم آهنگي ۽ محنت جو نتيجو آهي. وزيراعظم قومي رستن ۽ ريل نيٽ ورڪ کي پاڻي مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??وڏ س??يل عل??ئق?? ۾ جتي پاڻي گهٽ ٿي ويو آهي اتي خصوصي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي.