اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سم??ورا قيمتي غيرملڪي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪاري ذريعن م??جب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مثال ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ملندڙ غيرملڪي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته غيرملڪي تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪاري ذريعن م??جب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ تحفا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي تحفا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪاري ذريعن م??جب نار رياستن پاران وزيراعظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊ??، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سم??ت سم??را وڏي قيمت وارا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن م??جب شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور ??نهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سم??را غيرملڪي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.