اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي منش??ات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر منظوري آئ??ن جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منش??ات ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منش??ات بابت ڏوهن جي لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، مارفين، ڪوڪين ۽ ائس سميت مختلف مقدار جي نشي آور دوائن ۽ منش??ات تي ڏني ويندي. صدر جي منظوري کانپوءِ اهو بل منش??ات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هيروئن يا مارف??ن جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه تي 20 سال کان وڌيڪ قيد ۽ 10 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا مورف??ن جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 15 کان 20 لک رپ??ن جي ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. 3 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪ??ن جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 20 سالن کان وڌيڪ قيد سان گڏ 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. آفيس جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهن تي سزائي موت يا 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اس??ول، ڪاليج، يونيورسٽي، تعليمي اداري جي اندر يا ويجهو سرزد ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان وڌ سزا هوندي.