اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر ضلعن نوشهره ۽ چارسده جو دورو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ??مد??دي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ??مد??دي ڪمن جو جائزو وٺندو، ??هم??د ڊيم جي جڳهه جو دورو پڻ ڪندو.