اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ل??ءِ عالمي حصيدارين سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ??يش??ائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصيدارن کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي ورلڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊالر جي فوري امداد بابت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي وزيراعظم ج?? فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ اها امداد هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسو??ءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي ل??ءِ پڻ نقصانن جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس منصوبابندي سان پاڪستان سان ورلڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ 110 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ??يش??ن ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊالر ۽ يو ڪي ايڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو. ان کانسو??ءِ يو ڪي ايڊ پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي ل??ءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي ل??ءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. عالمي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثرين جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان امداد جي ل??ءِ عالمي ادارن پاران هن ئي هفتي امداد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن ۽ تنظيمن جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد جي قدم ??ي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي ل??ءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ل??ءِ آپريشن ڪري رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.