اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي آيو، ??ي ٽي وي غيرقانوني طور تي اي آر وائي سان سودو ڪيو، ??ئي نمبر تي اچڻ تي واڪ ۾ بهتري آڻڻ جي گهرج ڪئي وئي، ناڪامي تي اي آر وائي کي ٺيڪ?? ڏيڻ جي لاءِ معيار ئ?? تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو، توهان هينئر کان ئي گهٻرائي ڇو ويا آهيو؟