اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) مخدوم ش??هه محمود قريش?? چيو آهي ته ڪرناٽڪ جي هٿين خالي خددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندستان کي چٿي ڇڏيو، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان ٿيندڙ تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي اها تصويري نمائش ان سنگين ظلمن جو نقشو پيش ڪري رهي آهي جيڪي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيا ويا آهن، اڄ جي دور ۾ انهن حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. هندستان ڊس انفارميشن پکيڙي سگهي ٿو، غيرجانبدار مبصرين کي داخل ٿيڻ ??ان روڪي سگهي ٿو، پر سچ کي ٻاهر اچڻ ??ان نٿو روڪي سگهي، هن چيو ته ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا نوان معيار متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪرناٽڪ ۾ هڪ هٿين خالي خوددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان اڪيلي ڇوڪري جي آواز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرايو، شاهه محمود قريش?? چيو ته اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندستان کي چِٿي ڇڏيو، هندوتوا پاليسي ڪنهن قدر تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي ان باري ۾ لکين ڪشميرين کي پڇو جيڪي هڪ مدي ??ان انهن کي منهن ڏيندا پيا اچن، مخدوم ش??هه محمود قريش?? چيو ته سيڪيولر سوچ جو اڪثريت جي حڪمراني جي سوچ ۾ تبديل ٿيڻ ڪيترن ئي خطرن جو سبب آهي. ان هندوتوا سوچ جي خلاف رد عمل سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ توهان هندستان جي اندر اٿندڙ آوازن مان لڳائي سگهو ٿا. هن چيو ته هندستان ۾ هڪ وڏو طبقو ۽ لوڪ سڀا جي اندر مخالف ڌر ان نظرياتي تبديلي جي خلاف آواز کڻي رهيا آهن اهي چئي رهيا آهن ته ان هندوتوا سرڪار سيڪيولر ۽ دنيا جي سڀ ??ان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريش?? چيو ته آئون سمجهان ??و ته هندستان جي اندر اٿندڙ اهي آواز هڪ نئين تبديلي جو پيش خيمو آهن. آئون يقين سان چوڻ چاهيان ??و ته اڄ ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين جي ڪري ڪشميرين جي دل ۽ دماغ دهلي ??ان تمام گهڻو پري وڃي چڪا آهن، اڄ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جون نگاهون دهلي طرف ناهن لڳل، پر هو ان جبر جي خلاف بيهي رهيا آهن، مخدوم ش??هه محمود قريش?? چيو ته اسان کي خبر آهي ته اقتصادي مفاد ڪجهه وقت ماڻهن کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن پر سچ سدائين ظاهر ٿيندو آهي، منهنجي راءِ ۾ خودمختياري واري حق جي اها جدوجهد ڪامياب سان همڪنار ٿيندي، مخدوم ش??هه محمود قريش?? چيو ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ان جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين.