اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو، 145 جي ايوان ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اي?? پي جي شوڪت اميرزاده ۽ جمعيت علماءُ اسلام جي اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ووٽ حاصل ڪيا 9 ووٽ رد ڪيا ويا تحريڪ انصاف ايوب آفريدي جي سينيٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ته اي اي?? پي جو شوڪت اميرزاده، پي پي جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون م??اب??ي ۾ هئا، خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف سينيٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي تي شوڪت ترين کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏي وزير محمود خان جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت هر م??اب??ي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، شوڪت ترين م??ڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.