اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين اٿارٽي بابت سمورن قدن تي تيزي سان ع??ل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رحمت للعالمين اٿارٽي جو مقصد معاشري جي اخلاقي براين جو سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي، ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سيرت طيبه جي تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت للعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عالم سڳورن سان مشاور?? جي طريقيڪار، عالمي سطح تي اٿارٽي جي تج??يز ڪيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل جي ڪردار، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن ۾ سير?? جي شعور جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٺوس ميديا پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نشري مواد جي ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن کي سيرت ط??به کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، نشري مواد ۾ سير?? جي اخلاقي رخن تي ڌيان ڏئي معاشرتي براين جي تدارڪ ۾ مدد حاصل ٿيندي. وزيراعظم اٿارٽي بابت سمورن قدمن تي تيزي سان ع??ل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود، ڊاڪٽر عارف بٽ شرڪت ڪئي جڏهن ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.