اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ جن ماڻهن پهريُون ڊوز هڻايو آهي اهي ميسيج جي انتظار بدران ويجهي و??ڪس??نيشن سينٽر تان و??ڪس??ن جو ٻيو ڊوز لڳرائين، 30 سيپٽمبر تائين جيڪي و??ڪس??ن نه لڳرائيندا اهي ڪيترين ئي سهولتن کان محروم ٿي ويندا. ڪورونا و??ڪس??نيشن بابت پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته ڪورونا وبا کي پوري دنيا منهن ڏئي رهي آهي. مقابلو هڪ ڏکيو مرحلو هو، پاڪستان ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چي?? ته ضروري آهي ته فوري طور تي پاڻ کي ۽ گهرڀاتين کي و??ڪس??ن لڳرائي پنهنجو پاڻ ۽ معاشري کي محفوظ بڻايو، ڪورونا وائرس جو گراف جيترو هيٺ ويندو معيشت، روز??ار ۽ معمولات زندگي ايتري بهتر ۽ محفوظ ٿيندي.