اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان ??نهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر قسم جي فرق ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خا?? طور تي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ آجر پيداوار جي عمل ۾ حصي??ار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انهن جو تعاون ل??زمي آهي. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان ??زدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائي??ار ترقي جي لاءِ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.