اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جي عڪاس آهي، 23 مارچ جو ڏينهن قوم جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قومي سلامتي جي تحفظ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي پرڏيهي ??زي?? هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن قوم لاءِ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان ڏينهن اسان آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏڙن جي انهن قربانين کي تازو ڪريون ٿا جنهن جي شروعات 1940ع ۾ تاريخي قرارداد پاڪستان سان ٿي ۽ آخر ڪار 7 سالن جي ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جو عڪاس آهي، ان ڏينهن اسان قائداعظم سمورن اڳواڻن، بزرگن، شهداءَ ۽ پنهنجي هيروز کي زبردست انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن عظيم قربانيون ڏئي آزاد ملڪ جي خواب کي عملي جامو پارايو. اهو ڏينهن اسان کي اهو موقعو به فراهم ڪري ٿو ته ??سان پنهنجي ملڪ کي حقيقي فلاحي، ترقي پسند ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون. ان موقعي تي آئون ان ڳالهه کي ورجائڻ چاهيان ٿو ته مو??ود?? پاڪستاني قيادت جو سڄو ڌيان ”نئون پاڪستان“ ويزن تحت عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي آهي، پرڏيهي ??زي?? چيو ته قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ به اسان پوري طرح پرعزم آهيون. اسان جو ڌيان، جاگرافيائي سياسي ترجيحن کان جاگرافيائي ??قت??ادي ترجيحن تي مرڪوز ٿي چڪو آهي. مو??ود?? حڪومت پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان امن ۽ استحڪما، ترقياتي حصيداري ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ جي پاليسين تي عمل پيرا آهي. ان ڏينهن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنل خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ??ائ??ن ۽ ڀينرن سان به يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي حمايت ڪريون ٿا.