اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفا??ي ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بد??نت??امي جي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، شڪايتن جي ازالي لاءِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفا??ي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان ملاقات دوران ڪيو. وفا??ي ٽيڪس محتسب صدر کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي. صدر چيو ته ٽيڪس عملدارن جي بد??نت??امي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽيڪس محتسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهي ضروري آهي، هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب ٽيڪسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.