صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي ??هي، مخالف ڌر کلي ??ل سان سينيٽ چونڊن جي نتيجن کي تسليم ڪري. باجا ۾ اسڪول ۽ گئس منصوبي جي افتتاحي تقريب جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چ??و ته مخالف ڌر ??ڪومت سان عوامي ڀلائي جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر ??يڪڏهن اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو مڃي وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ مرزا آفريدي بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي محرومين جو ازالو ڪندا. پارليامينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سينيئر پارليامينٽرينز جي ڪائونسل قائم ڪئي آهي. سينيئر پارليامينٽرينز ڪائونسل قائم ڪرڻ جو م??صد پارليامينٽ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اهم ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ڪم جاري آهي.